اوٽاوا (م ڊ) ڪينيڊا ۾ اصلوڪن رهواسين جي 215 ٻارڙن جا لاش هڪ گرجا گهر مان هٿ اچڻ واري واقعي خلاف ملڪ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، احتجاج ڪندڙن چرچ جي گيٽ تي لڳل مجسمو به ڊاهي ڇڏيو. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ هزارن جي تعداد ۾ ماڻهن باهر نڪري احتجاج ڪيو ۽ سخت نعريبازي پڻ ڪئي. هنن هڪ چرچ ٻاهران پادري جي لڳل سائي رنگ جي مجسمي تي پهرين ڳاڙهو رنگ هاريو ۽ پوءِ رسو وجهي مجسمو ئي ڪيرائي ڇڏيو. اسڪول ٻاهران به احتجاج ڪيو ويو. ان اسڪول جي اڳوڻن شاگردن به احتجاج ڪيو جنهن جي چرچ مان لاش مليا آهن. برٽس ڪولمبيا ۾ احتجاج ڪندڙن حڪومت کان اصلوڪن رهواسين کي قبول ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو.