اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڪينيڊا اندر پاڪستانين جي قتل واري واقعي تي حڪومت توڙي مخالف ڌر احتجاج ڪيو ۽ واقعي جي مذمت ڪندي ان کي اسلامو فوبيا قرار ڏنو، مخالف ڌر پاران سڄي دنيا جي پارليامينٽيرينز جي ڪانفرنس طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، وفاقي وزير شيرين مزاري ڪينيڊا ۾ واقعي کي دهشتگردي قرار نه ڏيڻ تي شاهه محمود مٿان سخت تنقيد ڪئي، تفصيل موجب ڪالهه قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت ۾ شروع ٿيو، ڪينيڊا ۾ پاڪستاني فيملي جا 4 فرد قتل ٿيڻ بابت پاليسي بيان ڏيندي پرڏيهي مامرن جي وفاقي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته 7 جون تي صبح سان ڪينيڊا ۾ اهو افسوسناڪ واقعو ٿيو، جنهن ۾ 4 پاڪستاني ڪينيڊا جا شهري شهيد ٿيا، 9 سالن جو ٻارڙو اسپتال ۾ موت ۽ زندگي جي ڪشمڪش ۾ آهي، نه ٿو چاهيان ته پوسٽ مارٽم کان پهريان مان ان حوالي سان ڪا ڳالهه ٻولهه ڪريان پر هي انفرادي واقعو نه هو، هي اسلامو فوبيا جو وڌندڙ رجحان آهي، جيڪو تشويشناڪ آهي، اسلاموفوبيا جي وڌندڙ رجحان کي روڪڻو پوندو، نواز ليگ جي احسن اقبال چيو ته قومي اسيمبلي کي عالمي پارليامينٽيرينز ڪانفرنس طلب ڪرڻ گهرجي، جنهن ۾ ويهي اسلامو فوبيا تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي، جنهن تي اسپيڪر چيو ته توهان جي ان تجويز تي پرڏيهي وزارت سان ڳالهائيندس، پيپلزپارٽي جي عبدالقادر پٽيل چيو ته ڪينيڊا ۽ نيوزيلينڊ تعصب کان ڪافي حد تائين پاڪ نظر ايندا هئا، پر ٿيل واقعي جي جيتري مذمت ڪجي گهٽ آهي، انساني حقن جي وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته ڪينيڊا ۾ ٿيل واقعو دهشتگردي آهي، اسان کي صاف ڳالهه ڪرڻ گهرجي ته اهو واقعو دهشتگردي آهي، ان مامري کي اقوام متحده ۾ اٿارڻ گهرجي، رپورٽن جي انتظار ڪرڻ جي ضرورت ناهي، اسان ڇو ان واقعي کي دهشتگردي چوڻ کان ڊڄي رهيا آهيون.