ڪينيڊا (م ڊ) ڪينيڊا ۾ ٽرڪ سوار دهشتگرد پاڪستاني مسلم خاندان کي چيڀاٽي ڇڏيو، 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. رياست اونٽاريو ۾ واقعو پييش آيو، فوتين ۾ بزرگ عورت، سندس پٽ، ننهن ۽ پوٽي شامل هئي، 9 ورهين جو پوٽو شديد زخمي ٿي پيو، پوليس موجب 5 ئي گهرڀاتي روڊ ڪناري بيٺا هئا ته 20 ورهين جي ٽرڪ ڊرائيور رفتار وڌائي ۽ خاندان کي چيڀاٽي ڇڏيو، فوتي خاندان جو تعلق لاهور سان هو، پوليس موجب ٽرڪ ڊرائيور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته هن پاڪستاني خاندان کي مسلمان هجڻ سبب نشانو بڻايو، گرفتار دهشتگرد وڊيو لنڪ ذريعي عدالت ۾ پيش ٿيو، مٿس قتل جا 4 ۽ قتل جي ارادي جو هڪ الزام لاڳو ڪيو ويو، واقعي تي پاڪستانين سميت مسلم برادري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، ڪينيڊين وزيراعظم جسٽس ٽروڊو چيو آهي ته واقعي لوڏي ڇڏيو آهي، ڪينيڊا ۾ اسلامو فوبيا لاءِ ڪابه جاءِ ناهي، ان نفرت کي ختم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته لنڊن مان مليل خبرن کان گهٻرائجي ويو آهيان، جن ماڻهن جي پيارن کي هن واقعي متاثر ڪيو، اسان انهن سان گڏ آهيون، اسان ان زخمي ٻار سان به گڏ آهيون، جيڪو هن وقت اسپتال ۾ داخل آهي، اسانجي دل اوهان سان گڏ آهي ۽ اسان اوهان لاءِ سوچي رهيا آهيون. اونٽاريو جي وزيراعليٰ ڊرگ فورڊ به مقتولن جي خرچ عقيدت پيش ڪندي چيو ته نفرت ۽ اسلامو فوبيا جي اورنٽاريو ۾ جاءِ نه آهي.