اسلام آباد (م ڊ) ناليواري صحافي ۽ اينڪر حامد مير اسلام آباد ۾ صحافين جي احتجاجي مظاهري ۾ ڪيل پنهنجي تقرير تي معافي وٺي ڇڏي آهي. ان باري ۾ راولپنڊي اسلام آباد يونين آف جرنلسٽس جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته 28 مئي واري تقرير جي حوالي سان آر آءِ يو جي ۽ نيشنل پريس ڪلب جي ڪاميٽي حامد مير سان ملاقات ڪئي، حامد مير وضاحت ڪندي چيو ته 28 مئي تي نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ٻاهران پي ايف يو جي جي احتجاجي مظاهري ۾ صحافين تي حملن جي مذمت ڪئي پئي وئي ۽ چيو پئي ويو ته مون سميت صحافين تي ٿيل حملن تي سنجيدگي نه پئي ڏيکاري وڃي منهنجي تقرير تي پيدا ٿيل غلط تاثر جو احساس اٿم بنا ڪنهن دٻاءُ جي پنهنجي ضمير، ذميواري جي احساس ۽ مروجه صحافتي قدرن تحت واضح ڪرڻ چاهيان ٿو مون پنهنجي تقرير ۾ نه ڪنهن شخص جو نالو کنيو ۽ نه ئي منهنجي فوج سان ويڙهه آهي. اداري جي حيثيت ۾ فوج جو احترام ڪريان ٿو، سياچن کان ايل اوسي تائين فوج لاءِ ڪيل ڪوريج تي فخر ڪريان ٿو. هن چيو ته منهنجو مقصد ڪنهن جي دل آزاري ڪرڻ نه هو پر منهنجي لفظن سان پهتل تڪليف تي دل سان معذرت ڪريان ٿو. حڪومت کي اپيل ڪريان ٿو ته صحافين تي حملا ڪندڙن کي گرفتار ڪري انهن جا ڪيس اڪلايا وڃن.