ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪينيڊا واقعي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته اسلامو فوبيا جي شڪار دهشتگرد نيٿانيئل ويلٽ مين سوچيل سمجهيل منصوبي تحت مسلم خاندان کي ٽرڪ هيٺان چِٿي موت حوالي ڪيو. پنهنجي بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪينيڊين وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جو اسلامو فوبيا جي شڪار ماڻهن خلاف پيغام حوصلا افزائي ڪندڙ آهي پر کيس حملو ڪندڙ شخص کي دهشتگرد قرار ڏيڻو پوندو. هن چيو ته مسلمان هجڻ سبب لاهور جي هڪ خاندان کي سوچيل سمجهيل منصوبي تحت نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد نظريي جو تدارڪ ڪينيڊين حڪومت لاءِ هڪ امتحان آهي، سڄي دنيا ۾ وڌندڙ انتهاپسندي کي قابو ڪرڻ لاءِ عالمي برادري کي حڪمت عملي اختيار ڪرڻي پوندي.