اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ڪينيڊا ۾ پاڪستاني مسلم خاندان جي قتل تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ چيو آهي ته دهشتگردي جو هي مذمت جوڳو قدم اولهه ملڪن ۾ وڌندڙ اسلامو فوبيا جي علامت آهي، اسلامو فوبيا جي تدارڪ لاءِ عالمي برادري جا قدم وقت جي اهميت ضرورت آهي، جڏهن ته پرڏيهي ترجمان چيو ته هي المناڪ واقعو اسلامو فوبيا جي منظم عروج جو عڪاس آهي، عالمي برادري کي مذهبي هم آهنگي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هوڏانهن پرڏيهي وزير شاهه محمود سان ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر جي ملاقات، قريشي چيو ته ڪينيڊا ۾ پاڪستان ڄائي خاندان جو قتل اسلامو فوبيا ۽ دهشتگردي جو واضح مثال آهي، اولهه ۾ مسلمانن خلاف نفرت انگيز واقعا اسلامو فوبيا جي موجودگي جو ثبوت آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته هي هڪ دهشتگردي جو واقعو ۽ ڪينيڊين معاشري لاءِ امتحان آهي، ڪينيڊين هاءِ ڪمشنر ڪينيڊا ۾ پاڪستاني خاندان سان پيش آيل واقعي تي افسوس جو اظهار ڪيو ۽ واقعي جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف ڪارروائي جي به خاطري ڪرائي.