ڪراچي ( اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي 18 سالن کان مٿي جي ڄمار وارن ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن جي لازمي شادي ڪرائڻ وارو بل رد ڪري ڇڏيو، جماعت اسلامي جي ايم پي اي عبدالرشيد پاران پيش ڪيل بل موجب هر والدين لاءِ پنهنجي 18 سالن کان مٿي واري ڄمار جي اولاد جي شادي ڪرائڻ لازمي هوندي، جيڪي والدين شادي نه ڪرائيندا، انهن مٿان ڏنڊ پوندو، اهو بل ڪالھه واري اجلاس جي ايجنڊا تي پڻ رکيل هو، ايم پي اي عبدالرشيد جيئن ئي بل پيش ڪيو ته پارلياماني معاملن واري وزير مڪيش ڪمار چاولا مخالفت ڪئي، انهي بل جي جماعت اسلامي جي اڪيلي ايم پي اي کانسواءِ ڪنهن ٻئي ايم پي اي حمايت نه ڪئي، پ پ، جي ڊي اي، ايم ڪيو ايم سميت سمورين پارٽين انهي بل جي مخالفت ڪئي، جنهن بعد اسپيڪر آغا سراج دراني رولنگ ڏئي بل کي رد ڪري ڇڏيو، اهڙي بل کان اڳ ماحوليات واري کاتي بابت مختلف سوالن جا جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري يوسف بلوچ چيو ته سنڌ سرڪار چاهي ٿي ته فٽنيس سرٽيفڪيٽ کانسواءِ ڪابه گاڏي روڊ تي نه هلي، ان لاءِ ايڪسائيز ۽ ٽرانسپورٽ کاتن کي اپاءُ وٺڻا پوندا، ماحوليات واري کاتي وٽ جيڪي به گاڏيون اچن ٿيون، انهن کي مڪمل چيڪ ڪيو وڃي ٿو، هن چيو ته ڪچرو به ماحولياتي گدلاڻ پکيڙي ٿو، ان ڪري سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ بورڊ جوڙيو ويو آهي اسان جو کاتو مختلف صنعتن خلاف به ڪارروائي ڪندو رهي ٿو، اسان هڪ سال ۾ گدلاڻ پکيندڙن خلاف 44 ڪيس داخل ڪيا آهن، اسپيڪر آغا سراج دراني مختلف اسيمبلي ميمبرن پاران پيش ڪيل سمورا خانگي بل رد ڪري اجلاس 15 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏيو