ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪياماڙي ۾ 2020ع  ۾ زهريلي گيس ڦهلجڻ سبب شهرين جي فوتگين واري معاملي تي سامونڊي جهاز هرڪوليس جي عملي خلاف ڪيس داخل ڪرڻ بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي، درخواستگذارن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته ڪجهه متاثرن سان ٺاھ ٿي ويو آهي، اهي ڪيس هلائڻ نٿا چاهين، ان ڏس ۾ فوتي شاگرد احسن فاروق جي والد عدالت کي ٻڌايو ته منهنجي داد رسي ٿي چڪي آهي، آئون ڪيس هلائڻ نٿو چاهيان، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي چيو ته متاثرين پاران سرچاءُ ڪرڻ کانپوءِ ڪيس اڪلائڻ گهرجي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته هي عوامي مفادن وارو ڪيس آهي، توهان انهي کي اهڙي طرح ختم نٿا ڪري سگهو، عدالت پهريان سمورن ڌرين کي ٻڌي، پوءِ ميرٽ تي فيصلو ڪندي، عدالت سمورين ڌرين ۽ لاڳاپيل ادارن کي چئن هفتن ۾ رپورٽ پيش جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪندي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته 16 فيبروري 2020ع تي ڪياماڙي ۾ سامونڊي جهاز هرڪوليس مان گيس ليڪ ٿيڻ سبب 14 شهري فوت ۽ 300 کان وڌيڪ بيهوش ٿي ويا هئا.