حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف ڌرين مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪيو. خيرپورناٿن شاهه جي رهواسي محمد حسين مشوري زمين تي قبضي خلاف احتجاج ڪندي ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ سندن 5 ايڪڙ زمين آهي جنهن جو سمورو رڪارڊ به وٽن موجود آهي پر علائقي جي بااثر ماڻهن مبينا طور قبضو ڪري ورتو آهي جيڪي کين زمين جي مالڪي تان موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هالا جي ڳوٺ پوٽو ڳاهوٽي جي رهواسي زاهد حسين روينيو کاتي جي تپيدار پاران زمين جي کاتي جو رڪارڊ نه ڏيڻ خلاف پٽ سميت احتجاج ڪندي چيو ته ديهه ڀانڀري تپو ويراتو ۾ سندس والد محمد موسيٰ جي نالي تي سروي نمبر 110 ۽ 116 ۾ 12 ايڪڙ زمين آهي جنهن تي بااثر قبضي جي ڪوشش پيا ڪن زمين جو سچو نقل ڏيڻ کان تپيدار لنوائي رهيو آهي. ڪوٽڙي جي سچل گرائونڊ جي رهواسي رحمت الله عرف ساگر پنهور ڊسٽرڪٽ اسپتال ڪوٽڙي جي ڊاڪٽرياڻي خلاف احتجاج ڪيو. هن چيو ته ڊاڪٽرياڻي جانڪي جي مبينا غفلت سبب سندس تازي ڄاول نياڻي فوت ٿي ۽ زال رحمت جي حالت پڻ خراب ٿي وئي آهي. 9 ڏينهن اڳ ڊي ايڇ ڪيو اسپتال جي ڊاڪٽرياڻي جانڪي وٽ زال کي ويم لاءِ وٺي ويو هو جتي ڊاڪٽرياڻي سهي علاج ڪرڻ بدران لاپرواهي جو مظاهرو ڪيو جنهن ڪري سندس نياڻي فوت ٿي آهي. مظاهرين مطالبو ڪيو ته سندن معاملن جو نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سندن احتجاج جاري رهندو.ٻئي پاسي لطيف آباد يونٽ نمبر 10 جي رهواسي عورتن ۽ معصوم ٻارن سميت بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس خلاف ايس ايس پي آفيس ۽ پريس ڪلب آڏو ڌار ڌار احتجاج ڪيو. رامون ٺاڪر، سردارو ٺاڪر ۽ ٻين چيو ته هڪ ڏينهن اڳ پوليس ٻگهيو ڳوٺ تي چڙهائي ڪري شٽرنگ جو پورهيو ڪندڙ نوجوان اشوڪ ٺاڪر کي گرفتار ڪري پاڻ سان گڏ کڻي وئي ۽ هاڻي مٿس مين پڙي جو ڪيس داخل ڪري چالان ڪيو ويو آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ ڄاڻايل نوجوان کي پوليس علائقي ۾ مين پڙيون هلرائڻ جو چيو جنهن تي نوجوان انڪار ڪيو ۽ هاڻي کيس انتقامي ڪارروائي جو نشانو بڻايو ويو آهي. ايس ايس پي امجد احمد شيخ معاملي جو نوٽيس وٺي ته جيئن نوجوان کي زبردستي منشيات وڪرو ڪرائڻ لاءِ بيگناهه گرفتار ڪندڙ پوليس عملي خلاف اثرائتي ڪارروائي ٿي سگهي.