مٽياري(رپورٽر) مٽياري ۾ سماجي تنظيم هيومن رائيٽس جسٽس ڊفينڊرز آرگنائيزيشن، پاران منشيات جي وڌندڙ ڪارو بار خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، احتجاج ۾ استادن ۽ اسڪولي شاگرد ۽ ايڇ آر جي ڊي او ڪارڪنن شرڪت ڪئي، جن جي هٿن ۾ پوسٽر ۽ بينر هئا، ڪيڪي سخت نعربازي ڪري رهيا هئا، احتجاج جي اڳواڻي عبدالوهاب عباسي، منور علي، تاج محمد درس، بشير احمد کتري، سيد انارالدين شاه ۽ ٻين ڪئي، اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته مٽياري ۾ منشيات جو واهپو عام ٿي ويو آهي هتي کلي عام آئيس، هيروئن، چرس کان علاوه هر قسم جو نشو باآساني ملي ٿو جنهن سبب اسان جو نوجوان نسل تباه ٿي رهيو آهي، اڳواڻن ايس ايس پي مٽياري کان مطالبو ڪيو ته جلد منشيات جي ڪاروبار کي روڪي نوجوان نسل کي تباهي کان بچايو وڃي، نه احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو،