جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ۾ آل سنڌ مختيارڪار ايسوسيئيشن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ مختيارڪار آفيس ۾  مختيارڪار غلام عباس سڌايو، روينيو يونين اڳواڻ ڪمال الدين لانگاهه فرحان لاشاري جي اڳواڻي ۾ روينيو ملازمن قلم ڇڏ هڙتال ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو،ان موقعي تي مظاھرين چيو ته گذريل 20 ورهين کان اسان مختيارڪارن کي اپگريڊ، ٽائيم اسڪيل پروموشن سميت ڪابه ترقي ناهي ڏني وئي، هنن مطالبو ڪيو ته مختيارڪارن کي اي سيز جيان الڳ بجيٽ، ڊي ڊي او پاور، فيلڊ ۽ يوٽيلٽي الائونس ڏنو وڃي ۽ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي موجب ترقيون ڏنيون وڃن.