ڪراچي (م ڊ) پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي  وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ڪنهن آمر جو قيد ۽ ظلم منهنجي پيءَ آصف علي زرداري جي مُرڪ نه کسي سگهيو. بلاول ڀٽو زرداري پنهنجي پيءَ ۽ پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري کي فادرز ڊي جي مبارڪ ڏني. ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته منهنجي بردبار ۽ بهادر پيءَ کي فادرز ڊي مبارڪ هجي. هن چيو ته شهيد ڀٽو کانپوءِ پنهنجو مدو پورو ڪندڙ پهرئين سويلين صدر آصف علي زرداري 1973 جو آئين بحال ڪيو. سندس چوڻ هو ته منهنجي پيءَ آصف علي زرداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام شروع ڪيو، هن سي پيڪ جو بنياد رکيو ۽ اڃا گهڻو ڪجهه ڪرڻو آهي.