ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير امتياز شيخ چيو آهي  ته ٿر جي ڪوئلي کي ملڪ جي ٻين ٿرمل پاور پلانٽس تائين پهچائڻ لاءِ اسلام ڪوٽ تائين ريلوي پٽڙي وڇائڻ جو منصوبو جلد شروع ڪيو ويندو. اسلام آباد جي دوري دوران پاڪستان ريلوي بورڊ جي چيئرمين ۽ ريلوي جي اعليٰ آفيسرن سان  گڏجاڻين ۾ ٿر ريلوي منصوبي تي ضروري صلاح مشورا ڪيا ويا آهن، هن چيو ته پهرين مرحلي ۾ ٿر ڪول فيلڊ کان ڇور تائين 105 ڪلوميٽر ڊگهي ريلوي لائين ( پٽڙي) وڇائي ويندي، اهو ڪم 14 مهينن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، هن چيو ته ٿر ڪول فيلڊ کي نيشنل ريلوي ٽريڪ سان ڳنڍڻ بعد ٿر جو سستو  ڪوئلو ملڪ جي سمورن پاور پلانٽس تائين پهچائي سگهجي ٿو،  هن چيو ته ٿر جي ڪوئلي تي ملڪي پاور پلانٽس هلائڻ سان پرڏيهي ناڻي  جي بچت ٿيندي. هن چيو ته ٿر  جو ڪوئلو 100 سالن تائين ملڪ جي توانائي ضرورتن جو  پورائو ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو.  ٿر جو ڪارو سون ملڪ جي قسمت بدلائي خوشحالي آڻي سگهي ٿو