اسلام آباد: سنڌ مان چونڊيل قومي اسيمبلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن مان ڪيترن ئي پنهنجن اثاثن ۾  زمين جي ايراضي نه ڄاڻائي آھي، رڳو زمين جي خريد قيمت ڄاڻائي آھي، جن ۾ قمبر شهدادڪوٽ مان چونڊيل قومي اسيمبلي جي ميمبر  عامر مگسي پنهنجي زمين جي ايراضي نه ڄاڻائيندي ڪل 2 ڪروڙ 68 لک 40 هزار رپين جي ماليت جي زرعي زمين جو پاڻ کي مالڪ ظاهر ڪيو آهي، ميرپور خاص مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد علي نواز شاهه 2 ڪروڙ 10 لک رپين جي ماليت جي زرعي زمين، ڪشمور مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر احسان رحمان مزاري 22 لک 3 هزار رپين جي ماليت جي زمين جو پاڻ کي مالڪ ظاهر ڪندي ، سکر مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر نعمان اسلام شيخ 2 لک 80 هزار ماليت جي زرعي زمين، حيدرآباد مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر سيد حسين طارق 24 لک ماليت جي زمين کانسواءِ ٻارن جي نالي تي 62 ايڪڙ زمين ظاهر ڪئي آهي، حيدرآباد مان چونڊيل قومي اسيمبلي ميمبر صابر قائمخاني پنهنجي اثاثن ۾ گهرواري جي نالي تي 80 لک رپين جي زمين ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر علي نواز خان مهر 12 ڪروڙ ماليت جي زمين، سنڌ اسيمبلي جي ميمبر حاجي عبدالرئوف کوسو 65 لک 50 هزار ماليت جي زرعي زمين کان علاوه 14 ايڪڙ زمين به ظاهر ڪئي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر وريام فقير زرعي زمين  ۽ غير زرعي زمين جي ڪل قيمت 58 لک ڄاڻائي آهي،  سنڌ اسيمبلي ميمبر محمد قاسم 12 لک  ماليت جي زرعي زمين پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر شرجيل انعام ميمڻ هڪ ڪروڙ 50 لک ماليت جي زرعي زمين ۽ ٿرپارڪر ۾ گهر جي قيمت پنهنجي اثاثن ۾ ڄاڻائي آهي، سنڌ اسيمبلي ميمبر عبدالعزيز جوڻيجو 54 لک 68 هزار جي زرعي زمين پنهنجي اثاثن ۾ ظاهر ڪئي آهي.