لنڊن (م ڊ) لنڊن ۾ ڪڍيل سک فريڊم  ريلي جي اڳواڻن چيو آهي ته هو ڀارت کان آزاد ٿي امن سان رهڻ چاهين ٿا. سکن جي مقدس ماڳ درٻار صاحب تي ڀارتي حملي جي 38 ورهين کانپوءِ ان جي ياد ۾ ريلي ڪڍي وئي. فيڊريشن آف سک آرگنائزيشن ڀارت خلاف سينٽرل لنڊن ۾ فريڊم ريلي ڪڍي جنهن ۾ لنڊن سميت ٻين شهرن مان آيل هزارين ماڻهن سرڪت ڪئي. مظاهرين هائيڊ پارڪ ويجهو ويلنگٽن آرچ مان ريلي ڪڍي، بڪنگهم پيلس سامهون ٽريفلگر اسڪوائر تي اڳواڻن ريلي کي خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته سک درٻار صاحب تي حملي کي نه وساريندا. هنن چيو ته 1984 ۾ سکن جو بيدردي سان قتل عام ڪيو ويو، سک اڄ تائين انصاف چاهين ٿا.