ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالوءَ ۾ موبائيل ڪميونيڪيشن جي دڪان کي بجليءَ جي شارٽ سرڪٽ مان باھ  لڳڻ سبب الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو. جھاجھه روڊ تي سينگار مريءَ جي ڪميونيڪش جي دڪان کي باھ لڳڻ سبب موبائيل فون سيٽ، چارجر، ليڊون، ڪمپيوٽر، ايڪو سائونڊ سسٽم، اسپيڪرن سميت لکين رپين جو سامان باهه جي نذر ٿي ويو. متاثر دڪاندار سينگار مري انتظاميا کي مالي سهائتا جي اپيل ڪئي آهي.