ميرپورخاص (بيورو رپورٽ) ميرپورخاص مان 4 ڏينهن اڳ گرفتار ٿيل لاھور واسڻ عورت نتاشا راجپوت ۽ نوجوان انيل ڪمار لوھاڻو کي ٽائون پوليس سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عورت نتاشا راجپوت عدالت ۾ بيان ڏيندي چيو  ته آئون انيل ڪمار لوھاڻو جي گھر ۾ ملازمت ڪندي ھئس، ھاڻ پنهنجي ماءُ ڏي وڃڻ چاھيان ٿي، اھڙي بيان بعد عدالت جوابدار انيل ڪمار جي 50 هزار رپين جي ضمانت منظور ڪندي کيس آزاد ڪري ڇڏيو ۽ عورت نتاشا کي سندس وارث اچڻ تائين سيف ھائوس منتقل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.  ٻي طرف ٽائون پوليس ٿاڻي جي ايس ايچ او غازي خان راڄڙ جو چوڻ آهي ته عورت کي سيف ھائوس منتقل ڪيو آهي سندس وارث اچڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويندو .