مرزاپور(ن پ ا) مرزاپور لڳ ڳوٺ ڪنڌر جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون هئڻ ڪري استاد شاگردن کي ڪاڙھ جي گرمي ۾ وڻن هيٺ تعليم ڏيڻ تي مجبور آهن. استاد نذير احمد جمالي، ڳوٺاڻن عبدالوحيد ڪيهر، محمد اسحاق ڪيھر،  شاگردن عاقب علي، شاهنواز ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته اسڪول جي بلڊنگ زبون ٿي وئي آهي، ٻار وڻن هيٺان تعليم پرائي رهيا آهن، اسڪول جي چوديواري ۽ واشروم  به ڊهي پٽ ٿي ويا آهن، هڪ استاد 100 کان مٿي ٻارن  کي تعليم ڏئي رهيو آهي.نوٽيس وٺي عمارت نئين سر تعمير ڪرائي اسڪول جا بنيادي مسئلا حل ڪري استاد جي کوٽ ختم ڪئي وڃي.