حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ مختلف ڌرين پريس ڪلب سامهون مطالبن جي مڃتا لاءِ ڌار ڌار احتجاج ڪيو. عمرڪوٽ واسي پسند جي شادي ڪندڙ فريده بنگلاڻي ۽ يار محمد خاصخيلي پوليس پاران احتجاج ڪيو. ناري فريده چيو ته مائٽ  پسند جي شادي ڪرڻ تان مڇرجي پيا آهن جن ڏير کي ناحق گرفتار ڪرائي ڇڏيو آهي. هن والد، ڀاءُ ۽ ٻين مائٽن مان جاني خطرو آهي. لطيف آباد واسڻ لڇمي ڪولهي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته والد، ڀائرن ۽ ڀيڻيويي سان ملي پئسن عيوض وڪرو ڪرڻ پئي چاهيو جن کان تنگ ٿي گهران نڪري هن رام چند ڀيل سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن بعد سندس مائٽن مڙس جي نسيم نگر واري گهر ۽ پلاٽ تي طور قبضو ڪري ڇڏيو آهي. هوڏانهن لطيف آباد جي ڳوٺ جان محمد رند ۾ 4 مهينن کان خراب ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف ڌرڻو هنيو. رهواسين ٻڌايو ته ڳوٺ جو ٽرانسفارمر 4 مهينن کان سڙيل آهي جنهن بابت بار بار حيسڪو عملدارن توڙي علائقي جي چونڊيل نمائندن کي درخواستون ڏئي مسئلو حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي پر بجلي بحال نٿي ڪئي وڃي. ٿاڻو بولا خان جي رهواسي باريجا ڌر پاران بااثر جي چرچ تي پوليس پاران ڳوٺاڻي غلام محمد باريجو کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف موندر خان باريجو، عرس باريجو، سڪندر باريجو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. هنن چيو ته ڳوٺاڻي غلام محمد باريجو کي پوليس هٿان گرفتار ڪرائي گم ڪيو ويو آهي. کين شڪ آهي ته ڪٿي ان کي جاني نقصان نه پهچايو وڃي.