ڪوٽ غلام محمد (ن پ ا) ڪوٽ غلام محمد لڳ 7 ٻارن جو پيءُ لالجي ڪولھي پنھنجي گھر جي لانڍي ۾ رسي ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. لاش پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. تعلقي ڪوٽ غلام محمد جي ڳوٺ وسيم قائمخاني ديهه 332 ۾ 7 ٻارن جي پيءُ 45 سالن جي لالجي ولد راشي ڪولھي پنھنجي گھر جي لانڍي ۾ رسي سان ڦاھو کائي خودڪشي ڪري ڇڏي. اطلاع ملڻ تي ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي جي پوليس لاش کي کڻائي تعلقي اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو جتي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرڻ بعد لاش کي وارثن حوالي ڪيو ويو. خودڪشي ڪندڙ لالجي ڪولھي جي پٽ لکيو ڪولھي چيو ته صبح جو اٿي ڏٺوسين ته گھر جي لانڍي ۾ والد جو لاش ٽنگيل ھو اھڙو اطلاع اسان پوليس کي ڏنو جنھن لاش کي کڻائي تعلقه اسپتال ڪوٽ غلام محمد پھچايو. جڏھن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو.