مورو(ن پ ا) مورو ويجھو ڪچي جي ڳوٺ محمد موسيٰ ڪورائي ۾ نوجوان مسرور احمد ولد محمد يوسف ڪورائي گھرو پريشاني کان تنگ اچي جيت مار زھريلي دوا پي خودڪشيءَ جي ڪوشش ڪئي جنھن کي مورو اسپتال آندو ويو جتي طبي امداد ڏيڻ بعد حالت نازڪ ھجڻ سبب نوابشاهه جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي وارثن جو چوڻ ھو ته نوجوان جي گھر واري ناراض ٿي مائٽن جي گھر ھلي وئي جنھن تي دلبرداشته ٿي نوجوان زھريلي جيت مار دوا پي خودڪشيءءَ جي ڪوشش ڪئي آھي.