ٺل (ن پ ا) ٺل ۾ 2 ڀائر شاخ ۾ وهنجندي ٻڏي ويا، ڀائرن کي بچائيندي معصوم ڀڻ ٻڏي فوت، گهر ۾ ڪهرام. خبر موجب شهر جي الھرکيو ڪالوني ۾ موسي الهه آباد شاخ ۾ وھنجندي 2 معصوم ڀائر بلاول ۽ آصف علي ڊول وڏي پاڻي ۾ وڃڻ سبب ٻڏي ويا، جن جي رڙين تي موقعي تي موجود سندن ڀيڻ انيلا ڊول کين بچائڻ جي ڪوشش ڪئي جيڪا پڻ ٻڏي وئي، بعد ۾ شھرين ھمت ڪري ٽنهي ٻارڙن کي شاخ مان ٻاھر ڪڍي ورتو، ٻارڙي انيلا ڊول کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال پھچايو ويو، جتي ڊاڪٽر موجود نه هئڻ سبب نينگري بروقت علاج نه ٿيڻ ڪري فوت ٿي وئي، نينگري جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.