نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد ڀرسان پئسا چوري تان دڙڪا ملڻ تي نوجوان ڦاھو کائي انت آڻي ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ جميل تنيو ۾ 22 سالن جي رستم علي لاشاري گهر وارن کان ناراض ٿي پکي ۾ ڦاھو کائي پنهنجي زندگي جو ڏيئو هميشه لاءِ اجهائي ڇڏيو. سڌ پوڻ تي ھڪ ڪلاڪ کانپوءِ گھر جو دروازو ٽوڙي نوجوان جو لاش ڪڍيو ويو، لاش نصيرآباد اسپتال آندو ويو، جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوتي نوجوان جي والد علي لاشاري ٻڌايو ته سندس پٽ گھران 5 ھزار رپيا چوري ڪيا ھئا، جنھن کي سندس چاچي گھٽ وڌ ڳالھايو، جنهن بعد جذبات ۾ اچي هن خود ڪشي ڪري ڇڏي.