ڪوٽڙي ۾ گذريل ڏينھن کنڀجي ويل نوجوان جي آزادي لاءِ وارث عورتن جو احتجاج

0
164
ڪوٽڙي ۾ گذريل ڏينھن

ڪوٽڙي (ن پ ا) ڪوٽڙي جي سائيٽ ٿاڻي جي حد مان گذريل ڏينھن مبينا کنڀجي ويل نوجوان جي بازيابي لاءِ سندس وارثن جو پريس ڪلب تي احتجاج ،نوجوان کي ظاهر ڪري آزاد ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي حد ٽي بي اسپتال ڀرسان گذريل ڏينھن مبينا طور کنڀجي ويل نوجوان جي وارثن سندس امڙ مسمات بدرالنساءِ، ڀيڻ مسمات فروا ۽ سس مھتاب پريس ڪلب ڪوٽڙي پھچي احتجاج ڪيو

عورتن جو چوڻ ھو تھ  اسان جي نوجوان مسرور علي کوسو کي سادا ڪپڙا پھريل ويگو ۾ سوار اڻڄاتل ماڻھون بينگاھ کنڀي کڻي ويا آھن،  اسان جو نوجوان پورھيت آھي فيڪٽري ۾ پورھيو ڪري ٻچن جو پيٽ گذر ڪندو آھي

ھنن  ايس ايس پي ڄامشورو، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ٻين کي مطالبو آهي ته نوجوان کي فوري طور تي بازياب ڪرايو وڃي