حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج جو مٿانهون وهڪرو گهٽجي 3 لک 16 هزار 385 ڪيوسڪ ٿي ويو آهي، جڏهن ته هيٺانهون وهڪرو 2 لک 90 هزار 390 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. آمري وٽ درياهه ۾ پاڻي جي سطح 106.0 ۽ دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح 125.2 فٽ رڪارڊ  ڪئي وئي. منڇر جي سطح لاٿ کائي 121.05 فٽ ٿي آهي. گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 47 هزار 634 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 35 هزار 940 ڪيوسڪ جڏهن ته سکر وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو هڪ لک 53 هزار 413 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 51 هزار 163 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽان سنڌو ۾ پاڻي جو ڇوڙ گهٽائي 2 هزار 550 ڪيوسڪ ڪيو ويو آهي.