اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڪي پي ۾ وڏي وزير ۽ ڪابينا ميمبرن طرفان مسلسل ضابطن جي ڀڃڪڙي جو اليڪشن ڪميشن نوٽيس وٺي ڇڏيو، اليڪشن ڪميشن پاران خيبرپختونخوا ۾ جلسن لاءِ سرڪاري مشينري ۽ هيليڪاپٽر جي استعمال جو سخت نوٽيس ورتو ويو آهي، اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته ڪي پي ۾ جلسن دوران سرڪاري مشينري ۽ هيليڪاپٽر جو غير ضروري استعمال ٿيندو رهيو آهي، اليڪشن ڪميشن موجب اخلاقي ضابطن جي ڀڃڪڙي تي اهم اجلاس سڀاڻي گهرائي ورتو آهي، اجلاس ۾ قانوني ڪارروائي ڪرڻ بابت سوچيو پيو وڃي، اليڪشن ڪميشن موجب اجلاس ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر ڪي پي جي رپورٽ جو به جائرو ورتو ويندو جڏهن ته اجلاس ۾ چيف سيڪريٽري ڪي پي کي به اليڪشن ڪميشن سڪريٽريٽ گهرايو ويندو.ذريعن موجب عمران خان اسلام آباد کان خيبر پختونخوا جي سرڪاري هيليڪاپٽر ۾ چارسده پهتو، وزيراعليٰ ڪي پي محمود خان سان گڏ عمران خان چارسده پهتو