پشاور (م ڊ) ملڪ جي ٻين صوبن جيان خيبر پختونخواهه ۾ به ڊينگي بي قابو ٿي ويو آهي ۽ صوبي ۾ هڪ ڏينهن 361 ڄڻا وائرس ۾ مبتلا ٿيا آهن، جڏهن ته هڪ مريض لاڏاڻو ڪري ويو آهي. فوتي شخص جو واسطو مردان سان آهي، جڏهن ته مردان ۾ هڪ ئي ڏينهن ڊينگي سان 88 ڄڻا متاثر ٿيا آهن. خيبر پختونخواهه ۾ وائرس جي پکيڙ ۾ تيزيءَ کانپوءِ ڊينگي جي سي بي سي ٽيسٽ مفت ڪئي وئي آهي.