ڪوٽڙي (رپورٽر) سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي ۾ وڏي صنعتي زون ڪوٽڙي ۾ سرڪاري زمينن تي چائينا ڪٽينگ ذريعي قبضن جو انڪشاف ٿيو آهي، جتي سرڪاري پارڪ لاءِ مختص ڪيل پلاٽ تي بااثر صنعتڪارن پاران قبضي لاءِ اڏاوتي ڪم شروع ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، بااثر پاران پارڪ جي پلاٽ تي اڏاوتي ڪم لاءِ نقشا تيار ڪري چن هاري پٿر به لاٿو ويو آهي جڏهن ته سائيٽ لميٽڊ جا عملدار مبينا طور قبضن ۾ ملوث هجڻ ڪري خاموش نظر اچي رهيا آهن. ذريعن موجب هڪ بااثر سرمائيدار طرفان جعلي ڪاغذ ٺاهي پارڪ جي پلاٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.  ان حوالي سان پارڪ لاءِ مختص ڪيل زمين تي چن هاري اڏاوتي ڪم شروع ڪرڻ جي باضابطه طور ڪوشش ڪئي پئي وڃي جنهن خلاف ڪوٽڙي جي سياسي سماجي ڌرين پاران اعتراض وارڻ ۽ احتجاج ڪرڻ بعد ڪم کي روڪيو ويو آهي. پارڪ جو پلاٽ ڪوٽڙي سائيٽ ٿاڻي جي بلڪل ڀرسان صنعتي زون جي مين روڊ تي واقع آهي جتي اڏاوتي ڪم لاء چن هاري ڪم جي شروعات ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي جنهن تي شهرين پاران اعتراض واريو ويو آهي. پلاٽ تي لڪڙا به لڳايا ويا آهن. معلوم ٿيو آهي ته ڪروڙن جي ماليت وارو پارڪ جو قيمتي پلاٽ جيڪو ڪوٽڙي سائيٽ جي نقشي تي پارڪ لاء مختص ٿيل ڏيکاريل آھي پر سائيٽ لميٽڊ جي آفيسرن پاران مبينا ملي ڀڳت ڪري چائنا ڪٽنگ ذريعي پلاٽ هڪ بااثر صنعتڪار جي حوالي ڪيو ويو آهي.