ميهڙ (ن پ ا) ميهڙ ڀرسان ڳوٺ ٺوڙھا ۾ گورنمينٽ گرلس پرائمري اسڪول بنيادي سھولتن کان مڪمل محروم آھي اسڪول جي چئوديواري ٽٽل آھي ۽ نياڻين لاء واش توڙي پاڻي جي ڪا به سھولت ناھي ڪيترن ئي سالن کان اسڪول جي تعمير ۽ مرمت نه ٿيڻ سبب اسڪول جي عمارت زبون حال ٿي وئي آھي جنھن سبب اسڪول ۾ پڙھندڙ نياڻين جي زندگي داء تي لڳل آھي اسڪول ۾ چوديواري توڙي چوڪيدار نه ھجڻ سبب اسڪول مان چوريون به معمول بڻيل آھن اسڪول ۾ 150 کان وڌيڪ ٻار داخل ھجڻ باوجود اسڪول ۾ عملي جي سخت کوٽ آھي صرف 2 استادياڻيون اسڪول م مقرر آھن جڏھن تہ ٻارن کي ويھڻ لاء فرنيچر جي سخت کوٽ آھي ڳوٺاڻن مطابق اسڪول جي مسئلن لاء تعليم کاتي جي مقامي اختيارين آڏو بار بار دانھن باوجود ڪو بہ قدم ناھي کنيو ويو ھوڏانھن اسڪول ۾ پڙھندڙ شاگردياڻين احتجاج ڪندي دانھيو آھي تہ ڳوٺ ٺوڙھا جو قديمي تاريخي اسڪول تباھي جي ڪناري تي آھي اسڪول جي گرائونڊ تي قبضا آھن پاڻي ، واش روم ، فرنيچر ناھي ھنن سنڌ سرڪار توڙي تعليم کاتي جي اختيارين کان گھر ڪئي آھي تہ نوٽيس وٺي گرلس اسڪول جا مسئلا حل ڪرڻ لا۽ فوري تحرڪ ورتو وڃي.