ڪراچي (ڪامرس ڊيسڪ)ڊالر  ۾ لاٿ : 289.5 رپين تي پهتو:  سون 400 رپيا سستو، ان ڏس ۾ ڪراچي جي صرافه بازار ۾ سون 400 رپيا  لاٿ سان  218800 مان 218400 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته چاندي 20 رپيا اضافي  سان  2230 مان 2250 رپين تي پهتي، هوڏانهن ڊالر هڪ رپيو لاٿ سان  290.5 مان 289.5  ۽ انٽر بينڪ ۾ 8 پئسا لاٿ سان 283.84 رپين تي بند ٿيو، ٻئي طرف پائونڊ 363 رپين تي برقرار رهيو، جڏهن ته يورو هڪ رپيو واڌ سان 318.5 مان 319.5 رپين تي پهتو هو