ٺٽو ( رپورٽر ) ٺٽي جي ڪوھستاني پٽي ۾ ٻيھر چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيمارين جي پکڙجڻ ڪري چوپايو مال مرڻ  سبب  ڀاڳين جھمپير شھر جي بند جانورن واري اسپتال کولي وڌيڪ چوپائي مال جي بي موت مرڻ کان بچائڻ جي گھر ڪري ڇڏي آهي . ان ڏس ۾ ٺٽي جي ڪوھستاني يوسي جھمپير جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ تماچي پالاري، ڳوٺ علي محمد پالاري، ڳوٺ بچل جاکرو، ڳوٺ محب علي پالاري، ڳوٺ شفيع محمد پالاري جي رھواسي مالوند ماڻھن عبدالحڪيم پالاري، شفيع محمد، ناٿو، جمعون، محمد علي، محب علي، فقير سائينداد پالاري ۽ ٻين صحافين اڳيان دانھيندي چيو آھي تہ يوسي جھمپير جي مختلف ڳوٺن ۾ چوپائي مال ۾ وچڙندڙ بيماريون ڦھلجڻ ڪري سندن مال مرڻ لڳو آھي، جھمپير شھر ۾ قائم جانورن جي اسپتال ڪافي وقت کان بند ھجڻ ڪري ڊاڪٽر ۽ عملو گھر ويٺي پگھارون کڻي رھيو آھي، جنھن ڪري سندن جانورن جو ڪوبہ علاج ڪرڻ وارو ناھي، جنھن ڪري سندن چوپايو مال مرڻ ڪري کين وڏو نقصان پھچي رھيو آھي، هنن چيو ته جانورن جي بند پيل اسپتال بابت ڪيترائي ڀيرا دانھون ڪرڻ باوجود سندن دانھون ڪير بہ ٻڌڻ وارو ناھي. اسپتال چالو ڪري ڊاڪٽر ۽ عملي کي ڊيوٽي جو پابند بنائي سندن چوپائي مال جو علاج ڪري کين وڌيڪ نقصان کان بچايو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.