پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي قومي شاهراهه تي حادثي ۾ زخمي ٿيل همراهه دم ڏئي ڇڏيو، ان ڏس ۾ قومي شاھراهه تي تيز رفتار ٽرالر  پيٽرول پمپ سان ٽڪرائجي ويو هو، نتيجي ۾4 ڄڻا  ايم اسحاق جسڪاڻي، مقصود ڪورائي، رفيق پنجابي ۽ رياض ڪورائي زخمي ٿي پيا هئا، جن کي سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي  رياض ڪورائي دم ڏئي ڇڏيو آهي.