ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ اعليٰ عدالت مان  برسات جو پاڻي ڪڍڻ ۽ صفائي بابت ايڊووڪيٽ  شوڪت شيخ پاران تڪڙي ٻڌڻي لاءِ داخل ڪيل درخواست منظور ڪري ورتي، درخواست ۾ سنڌ حڪومت ۽ ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب کي ڌر بڻائي موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته برساتي پاڻي بيهڻ سبب سنڌ هاءِ ڪورٽ جي تاريخي عمارت کي نقصان پهچي رهيو آهي، جڏهن ته جج، وڪيل ۽ سائل پريشان آهن،  لاڳاپيل ادارن انهي  مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪي به قدم ناهن کنيا،  پٽيشنر  موجب  هاءِ ڪورٽ ڀرسان سپريم ڪورٽ جي نئين عمارت تعمير ٿي رهي آهي، جنهن کي بيٺل پاڻي مان نقصان پهچندو. درخواست ۾ عدالت کي گذارش ڪئي وئي آهي ته سنڌ حڪومت، ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ ٻين ڌرين کي ڄاڻايل مسئلو حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ سومر تي ڄاڻايل درخواست جي ٻڌڻي ڪندي.