ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا 98 حياتيون کسي ورتيون، جڏهن ته 5329 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا شرح وڌي 10.7 سيڪڙو تي پهچي وئي، ٻئي طرف سنڌ ۾ هڪ مريض فوت ٿيو، جڏهن ته 358 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان حوالي سان وڏي وزير مراد علي شاھ چيو آهي ته هن وقت 6126 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 5800 گهرن، 10 آئسوليشن سينٽرن ۽ 316 مختلف اسپتالن ۾ آهن، 289 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 254 وينٽيليٽر تي منتقل ڪيا ويا، ڪراچي ۾ 208، حيدرآباد ۾32، لاڙڪاڻي ۾ 13، ڄامشوري، بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 8-8، جيڪب آباد ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 7-7، گهوٽڪي ۽ ميرپورخاص ۾ 6-6، قمبر، مٽياري، نوشهري فيروز، سانگهڙ، سکر ۽ عمرڪوٽ ۾ 5-5، خيرپور ۽ سجاول ۾ 4-4، شهيد بينظير آباد ۾ 3 ۽ شڪارپور ۾ هڪ ڪيس رپورٽ ٿيو آهي، کهڙا جي گرلز هاءِ اسڪول جي ٽيچر فخرالنساءِ ۽ گرلز پرائمري اسڪول نمبر ون جي ٽيچر نسيم اختر ۾ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي وئي