سکر(بيورو رپورٽ) سي ٽي ڊي سکر طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ دعويٰ ڪئي آھي ته تحريڪ طالبان سوات جي اھم ڪمانڊر محمد رحيم ولد جان ولي دراني کي سکر بس اسٽينڊ جعفرآباد وٽان گرفتار ڪري ھڪ ٿيلھو ھٿ ڪيوآهي، جنھن مان تلاشي بعد 300 گرام ڌماڪا خيز مواد، ڊينٽونيٽر تار، تيار ٿيل 2 ديسي ساخت بم، ڊينٽونيٽر 5 عدد، بال بيرنگ، نٽ بلٽ ڏيڍ ڪلو برآمد ڪيا ويا آھن. پڌرائي موجب گرفتار جوابدار پڇا ڳاڇا دوران اھم انڪشاف ڪيا آھن، جوابدار 2009 ۾ تحريڪ طالبان سوات ۾ شموليت اختيار ڪئي، جنھن مقامي ڪمانڊر رحيم خان سان گڏجي ڪيتريون ئي دھشتگردي وارون ڪاروايون ڪيون، جنھن ۾ پاڪ فوج ۽ پوليس کي شديد نقصان پھتو، جوابدار پنھنجي ساٿين سان گڏجي سوزوڪي جيپ، ڊبل ڪيبن گاڏي ڦر ڪري افسر خان کي ڏني جيڪو ويبيڊ (گاڏين ۾ بم لڳائڻ) طور استعمال ڪندو آھي، گرفتار جوابدار ساٿين سان گڏجي بونير بازار ۾ ڦرلٽ پڻ ڪئي، سوات ۾ پاڪ فوج جي آپريشن کانپوءِ پوءِ محمد رحيم دراني فرار ٿي سنڌ پھچي روپوش رھڻ بعد پنھنجي مقصدن کي پورو ڪرڻ لاءِ متحرڪ ٿي ويو. گرفتار جوابدار مٿان ڪي پي ڪي حڪومت طرفان 20 لک انعام مقرر ڪيل آھي، گرفتار جوابدار کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا وارو عمل جاري آھي. ٻئي طرف سي ٽي ڊي ٿاڻي سکر تي گناھ نمبر 2021/09 سرڪار پاران سب انسپيڪٽر ممتاز علي مھر جي فرياد تي قلم 3/4/5 EXPLOSIVE ACT 1908 7 ATA 1997 تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آھي.