ڪراچي (نمائندن وٽان) ڪورونا جا ڪلور: وڌيڪ 151 شهري فوت: 5480 نوان ڪيس ظاهر، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 9.61 سيڪڙو ٿي وئي، هوڏانهن سنڌ ۾ ڪورونا 7حياتيون کسي ورتيون، وڌيڪ 1060 نوان ڪيس ظاهر ٿيا، ان ڏس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته هن وقت 13759 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 13149 گهرن ، 7 آئسوليشن سينٽرن ۽ 603 مختلف اسپتالن ۾ داخل آهن. هن وڌيڪ چيو ته 570 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 47 مريض وينٽيليٽر تي آهن. ڪراچي ۾ 394، حيدرآباد ۾ 138، جيڪب آباد ۾ 52، ٺٽي ۾ 50، سکر ۾ 46، نوشهري فيروز ۾ 43، قمبر ۾ 34، شهيد بينظير آباد ۾ 33، سجاول ۾ 25، گهوٽڪي ۾24، لاڙڪاڻي ۽ ميرپورخاص ۾ 23، 23، ٽنڊي محمد خان ۾ 19، ڄامشوري ۾ 9، خيرپور ۾ 8، ٽنڊي الهيار ۾ 6، ڪشمور، عمرڪوٽ ۽ شڪارپور ۾ 4-4، سانگهڙ ۾3، بدين ۾2، دادو ۽ مٽياري  ۾ هڪ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. هوڏانهن ڪراچي جو سينيئر صحافي خرم بيگ پڻ ڪجهه ڏينهن ڪورونا ۾ مبتلا رهڻ بعد زندگي جي جنگ هارائي ويو، حيدرآباد ۾ 24 ڪلاڪن دوران 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته پبلڪ اسڪول جي خاتون وائيس پرنسپال سميت 11 استادن ۽ ملازمن کي ڪورونا جي تصديق ٿي آهي. ڪورونا متاثر محمد وقاص، اشوڪ ڪمار، الهوسايو نظاماڻي، محمد علي قمبراڻي، شبر، مسعود احمد، خدا بخش لوهار، مهراڻ علي، دانش، عبدالستار ۽ فوزيه صديقي کي آئسوليٽ ڪيو ويو آ هي، ٻئي طرف لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي آءِ سي يو وارڊ ۾ داخل شهدادڪوٽ واسي 60 ورهين جو محمد امين، قمبر واسڻ 52 ورهين جي ماروي خاتون، وارهه واسي 82 ورهين جو غلام قادر ۽ بنگل ديرو واسي محمد علي ڪورونا وگهي فوت ٿي ويا. ميرپورخاص جي سيڪنڊ سينيئر سول جج علي بخش ٿيٻو کي ڪورونا ٽيسٽ مثبت اچڻ کانپوءِ سندس رهائشگاهه ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آهي، ڪرونڊي ھاءِ اسڪول جي هڪ استاد ۽ 4 شاگردن کي ڪورونا پازيٽو هجڻ جي تصديق ٿي آھي، جن کي گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي هوڏانهن راڻيپور رورل هيلٿ سينٽر جي 4 ڊاڪٽرن ڊاڪٽر آمنه ميمڻ، ڊاڪٽر سڪندر سهتو، ڊاڪٽر شاهه زمان گلال ۽ ڊاڪٽر علي رضا پيرزادو کي ڪورونا جي تصديق ٿيڻ بعد اسپتال کي بند ڪيو ويو، ايم ايس موجب اسپتال جي او پي ڊي مڪمل بند ڪئي وئي آھي، رڳو ايمرجنسي وارڊ کوليو ويو آھي ٽنڊي باگي تعلقي ۾ ڪورونا جي ڪرايل ٽيسٽن ۾ هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن جي ڪورونا ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي. جنهن بعد مريضن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. اسلام ڪوٽ ۾ ٽي ڏينهن اڳ شهر جي بوائز هاءِ اسڪول ۽ ٽي سي ايف اسڪول جي 150 کان مٿي ااستادن ۽ شاگردن جي ڪورونا ٽيسٽ لاءِ ورتل سيمپلز جي رپورٽ مان 2 ليڊي ٽيچرز سميت ڇهن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي ڪورونا رپورٽ پازيٽو آئي آهي. ننگرپارڪر تعلقي ۾ ڪورونا جي وڌيڪ 12 ڪيسن جي تصديق ٿي آهي، جنهن کان پوءِ مريضن جو انگ وڌي 20 ٿي ويو آهي.

ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ اڄ کان هڪ شهر کان ٻئي شهر ۽ ٻين صوبن کان ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرانسپورٽ بند ٿي ويندي، وڏي وزير مراد علي شاهه ڊويزنل اختيارين کي ٽرانسپورٽ جي پابندي واري فيصلي تي عمل ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪورونا ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته جن علائقن ۾ ڪورونا جي شرح 15 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، اتي مائڪرو يا مڪمل لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو آهي. اجلاس کي اختيارين آگاهي ڏني ته ڪجهه خانگي آفيسن ۾ 50 سيڪڙو ملازمن وارين سرڪاري هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، جنهن تي وڏي وزير ڪراچي جي ڪمشنر کي حڪم ڏنو ته اهڙن آفيسن کي سيل ڪيو وڃي. وڏي وزير ڊويزنل اختيارين کي سختي سان هدايت ڪئي ته ٽرانسپورٽ جي پابندي واري فيصلي تي سختي سان عمل ڪرايووڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ٽاسڪ فورس جي فيصلي موجب اسپتالن چونڊ سرجري بند ڪري ڇڏي آهي، رڳو او پي ڊيز ڪم ڪري رهيون آهن. ريسٽورنٽس ۾ انڊور ۽ آئوٽ ڊور ڊائننگ تي مڪمل پابندي هنئي وئي آهي. فائيو اسٽار هوٽلن بابت اختيارين ٻڌايو ته اتي کاڌي پيتي جون سهولتون معمول موجب هلي رهيون آهن، جنهن تي وڏي وزير ڪمشنر کي هدايت ڪئي ته هو پابندي تي عمل ڪرائي صحت واري وزير عذرا پيچوهو ٻڌايو ته هفتي دوران ڪراچي ۾ ڪورونا جي شرح 10.50، حيدرآباد ۾ 15.73، سکر ۾ 7.61 ۽ صوبي جي ٻين ضلعن ۾ 3.11 سيڪڙو آهي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ 454 آءِ سي يو بيڊ خالي آهن. سنڌ ۾ 1872 آءِ سي يو بسترن تي آڪسيجن جي سهولت موجود آهي، هن وقت 343 مريض داخل آهن، 1529 بيڊ خالي آهن.. وڏي وزير چيو ته اٽلي جي حڪومت آڪسيجن پلانٽ درآمد لاءِ تيار آهي. هن صحت کاتي کي هدايت ڪئي ته هو اٽلي جي سفارتخاني سان رابطو ڪري.