سکر(بيورو رپورٽ) خورشيد شاھ جو ڀائيٽيو عديل ولد علي نواز شاھ ڪورونا وگهي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ انتقال ڪري ويو آھي، جنھن جو مڙھ ڪراچي کان سکر آندو ويو، سيد خورشيد احمد شاھ گھرو زارت سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري کي درخواست ڏني ته سندس ڀائٽو انتقال ڪري ويو آھي جنھن جي آخري رسمن ۾ شرڪت ڪرڻ جي لاءِ 48 ڪلاڪن تي پيرول تي آزاد ڪيو وڃي، جنھن تي گھرو وزارت سنڌ جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري سيد خورشيد احمد شاھ جي درخواست منظور ڪندي کيس 48 ڪلاڪن جي پيرول تي کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آھي، جنھن کان پوءِ سيد خورشيد احمد شاھ ڀائيٽي جي آخري رسمن شرڪت جي لاءِ اين آءِ سي وي ڊي اسپتال سکر کان پنھنجي گھر پھتو، مرحوم جي جنازي نماز منزل مسجد گاھ ۾ رات جو ادا ڪئي وئي، جنھن ۾ سياسي، سماجي، مذھبي توڙي مختلف مڪتب فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪري سيد خورشيد احمد شاھ، سندس عزيزن سان گڏ ڏک جو اظھار ڪيو.