اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو ) وفاقي حڪومت عيد جي موقعي تي “گهر ۾ رهو _ محفوظ رهو” جي نعري هيٺ ڇنڇر 8 کان آچر 16 مئي تائين 9 ڏينهن جي مڪمل لاڪ ڊائون جو اعلان ڪري ڇڏيو،انهي عرصي دوران مارڪيٽون، دڪان، ڪاروبار توڙي عيد بازارون ۽ عيد اسٽال توڙي تفريحي هنڌ بند ڪرڻ جو اعلان، شهرن اندر، بين الصوبائي ۽ هڪ شهر کان ٻئي شهر وچ ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ تي به پابندي جو فيصلو، وفاقي ملازمن کي عيد جون 9 ڏينهن موڪلون پڻ هونديون، ان ڏس ۾ ڪالهه اين سي او سي جو اجلاس رٿابندي واري وفاقي وزير اسد عمر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ 8 کان 16 مئي تائين سموريون مارڪيٽون، دڪان، ڪاروبار، عيد بازارون ۽ عيد اسٽال توڙي تفريحي ماڳ بند هوندا، رڳو کاڌي پيتي جا دڪان ، ميڊيڪل اسٽور ۽ پيٽرول پمپ کليل هوندا، عيد جي موقعي تي هوٽلن تان رڳو کاڌو کڻي وڃي سگهبو، باقي هوٽلن اندر ۽ ٻاهر ماني کائڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته عيد رات (چاند رات ) تي پڻ بازارون بند هونديون، مهندي، زيورن ۽ ڪپڙن جا اسٽال لڳائڻ تي به پابندي لاڳو هوندي، اين سي او سي موجب 8 مئي کان مقامي ۽ غير ملڪي ماڻهن لاءِ سياحت تي به مڪمل پابندي هوندي، سياحتي هنڌن واقع هوٽل، موٽل، ريسٽورنٽس، عوامي پارڪس ۽ شاپنگ مالز بند رهندا، سياحتي ماڳن ۽ پڪنڪ جي جاين خاص طور تي مري،گليات، سوات، ڪالام، سي ويو ڪراچي، اترين علائقن جا رستا بند ڪيا هوندا، رڳو گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير جي مقامي ماڻهن کي گهر وڃڻ جي اجازت هوندي، اجلاس ۾ ڄاڻايو ويو ته 8 مئي کان سڄي ملڪ ۾ بين الصوبائي، شهرن وچ ۾ توڙي شهرن اندر هلندڙ پبلڪ ٽرانسپورٽ تي پابندي هوندي، رڳو نجي گاڏين، ٽيڪسيز ۽ رڪشائن ۾ 50 سيڪڙو مسافرن کي ويهارڻ جي اجازت هوندي، عيد جي موقعي تي مسافرن جي رش کي گهٽائڻ لاءِ 7 مئي کان اضافي ٽرينون هلايون وينديون، جن ۾ 70 سيڪڙو گنجائش سان مسافر سفر ڪري سگهندا، اجلال ۾ مختلف ملڪن کان پاڪستان ايندڙ اڏامن جي تعداد کي 5 کان 20 مئي تائين گهٽ ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، انهي فيصلي تي سول ايوي ايشن 18 مئي تي نظر ثاني ڪندي، اجلاس ۾ ملڪ اندر آڪسيجن جي پيداوار ۽ اسپتالن کي آڪسيجن جي فراهمي جو به جائزو ورتو ويو، اين سي او سي پرڏيهه مان 6000 ٽن آڪسيجن ۽ 5000 آڪسيجن سلنڊر امپورٽ ڪرڻ جي به منظوري ڏني، اسپتالن کي آڪسيجن جي فراهمي کي بهتر ڪرڻ لاءِ لاءِ مصري شاهه واري اسڪريپ انڊسٽري کي بند ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو، اين سي او سي موجب حضرت علي ڪرم الله وجه جي شهادت واري ڏينهن ( يوم علي) ، شب القدر، اعتڪاف ۽ جمعته الوداع لاءِ به گائيڊ لائين تي پهرين مئي کان عمل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،عيد جي موڪلن دوران بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي يقيني بنائڻ جي به هدايت ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف وفاقي سرڪار عيد جي موقعي تي سرڪاري ملازمن لاءِ 9 ڏينهن جي موڪلن جو اعلان آهي، اين سي او سي موجب عيد جون موڪلون سومر 10 مئي کان 15 مئي تائين هونديون، جڏهن ته وفاقي سرڪاري ملازمن کي اڳ ۾ ئي ڇنڇر ۽ آچر تي هفتيوار موڪلون هونديون آهن، ائين سرڪاري ملازمن کي ڇنڇر 8 کان آچر 16 مئي تائين مجموعي طور تي 9 ڏينهن موڪلون هونديون، اين سي او سي موجب عيد جي ڊگهين موڪلن جو مقصد ملڪي سطح تي عوامي چرپر کي محدود ڪرڻ آهي،