ڪراچي ( نمائندن وٽان) ڪورونا وگهي هلندڙ سال 2021ع دوران وڌ ۾ وڌ 149 فوتگيون ٿيون، جڏهن ته 71836 ٽيسٽن ذريعي 6127 نوان ڪيس سامهون آيا، ملڪ ۾ ڪورونا جي شرح 8.52 سيڪڙو رهي، ٻئي طرف سنڌ ۾ ڪورونا وگهي 2 ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته 532 ڪيس ظاهر ٿيا ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھه چيو آهي ته هن وقت 7847 مريضن جو علاج هلي رهيو آهي، 7461 مريض گھرن، 10 مريض آئسوليشن سينٽرن ۽ 376 مريض مختلف اسپتالن ۾ علاج هيٺ آهن ، هن چيو ته 349 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جن مان 45 مريض وينٽيليٽر تي آهن، ڪراچي ۾ 250، حيدرآباد ۾ 112، شڪارپور ۾ 20، عمرڪوٽ ۾ 15، لاڙڪاڻي ۽ سانگھڙ ۾ 12_12، گھوٽڪي ۽ بدين ۾ 10_10، خيرپور، شهيد بينظيرآباد، سجاول، سکر، ٽنڊي محمد خان ۽ مٽياري ۾ 8_8، قمبر ۾ 6، جيڪب آباد ۾ 5، ڪشمور ۽ دادو ضلعن ۾ 4_4، ميرپورخاص ۽ ٽنڊوالهيار ۾ 3_3 ۽ نوشهري فيروز ۾ هڪ نئون ڪيس ظاهر ٿيو آهي. ٻئي طرف پيپلزپارٽي تعلقي شجاع آباد جو سينيئر نائب صدر ۽ دولت لغاري جو اڳوڻو يوسي چيئرمين شفيع محمد لغاري ڪورونا وگهي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. سندس جنازي نماز اباڻي ڳوٺ دولت لغاري ۾ ادا ڪئي وئي، کيس اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنازي نماز ۾ پ پ ايم پي اي سيد ذوالفقار علي شاهه، اسحاق گورچاڻي، رسول بخش مغل، منور خاصخيلي ۽ ٻين شرڪت ڪئي،

اسلام آباد/ ڪراچي (رپورٽ: ايم بي سومرو ۽ شاهد ميراڻي) وفاقي حڪومت اسلام آباد سميت پنجاب، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ پهرين کان اٺين جماعت جي شاگردن جا ڪلاس عيد تائين بند رکڻ، جڏهن ته نائين کان ٻارهين ڪلاس جا تعليمي ادارا اڄ کان ايس او پيز تحت کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. جڏهن ته سنڌ سرڪار وري پهرين کان اٺين درجي جا اسڪول پهرين مئي تائين بند رکڻ جو اعلان ڪيو آهي، ان ڏس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود جي صدارت هيٺ تعليمي وزيرن جو بين الصوبائي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ تعليم وارن صوبائي وزيرن ويڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ صوبائي وزيرن نائين کان انٽر جا ڪلاس شروع ڪرڻ جي سفارش ڪئي، اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته 3 صوبن ۾ پهرين کان اٺين جا ڪلاس عيد تائين بند رهندا، جڏهن ته نائين کان ٻارهين درجي جا تعليمي ادارا اڄ کان ڪورونا ايس او پيز تحت کوليا ويندا، جتي هر ٻئي ڏينهن ڪلاس ٿيندا، اجلاس ۾ او ۽ اي ليول امتحان شيڊيول موجب وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ چيو ويو ته ڪورونا جي وڌيڪ شرح وارين يونيورسٽين ۾ آن لائين ڪلاسن جو سلسلو جاري رهندو، اجلاس۾ ڳالهائيندي وفاقي وزير شفقت محمود چيو ته نائين کان انٽر ڪلاسن جا بورڊ امتحان مئي جي آخري هفتي ۾ ٿيندا، ٻئي طرف سنڌ سرڪار پهرين کان اٺين درجي جا پرائمري ۽ مڊل اسڪول بند ڪرڻ واري مُدي ۾ پهرين مئي تائين 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته نائين کان 12هين درجي تائين جا ڪلاس 50 سيڪڙو حاضري واري شرط تي کليل رهندا، ان حوالي سان سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ ٿيڻ بعد تعليم کاتي جي اختيارين پهرين کان اٺين درجي جا ڪلاس 21 اپريل تي کولڻ بجاءِ مُدي ۾ 10 ڏينهن جي واڌ ڪري ڇڏي آهي. ان سلسلي ۾ تعليم واري صوبائي وزير سعيد غني چيو ته ڪورونا ڪيسن کي نظر ۾ رکندي اسڪول بند ڪرڻ وارو مُدو وڌايو ويو آهي، هن چيو ته پهرين کان اٺين تائين جا ڪلاس پهرين مئي تائين بند رهندا. جڏهن ته نائين کان ٻارهين درجي جا ڪلاس 50 سيڪڙو حاضري سان کليل رهندا.