ڪراچي)اسٽاف رپورٽر)ڪورنگي ننڍي چونڊ دوران ٿيل هنگامن ۽ پولنگن تي حملن واري 4 ڪيسن ۾ گرفتار 258 مان 170 شڪي جوابدارن کي پوليس آزاد ڪري ڇڏيو، ٻئي طرف   سنڌ جي وڏي وزير  مراد شاهه ڪراچي پوليس چيف کي ڪورنگي ننڍي چونڊ دوران هنگاما ڪندڙن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي،  وڏي وزير چيو ته وڏين قربانين کانپوءِ شهر جو امن بحال ٿيو آهي، ڪنهن کي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾  ڪراچي پوليس چيف جاويد اختر اوڍي سان ملاقات دوران وڏي وزير کانئس ننڍي چونڊ دوران ٿيل فائرنگ، هنگامن ۽ مارجي ويل شهري بابت تفصيل ورتا، وزير اعليٰ  کيس واقعي جي مڪمل جاچ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. وڏي وزير چيو ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن ۽  سندن ساٿين جي نشاندهي ڪئي وڃي. وڏي وزير چيو ته وڏين قربانين کانپوءِ شهر جو امن بحال ٿيو آهي، ڪنهن کي شهر جو امن خراب ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. هن چيو ته هر سياسي جماعت کي پرامن سياسي عمل ۾ حصو وٺڻ جو حق آهي، شهر ۾ نفرتن ۽ رتوڇاڻ جي سياست نه ٿيڻ ڏينداسين. وڏي وزير چيو ته 24 جولاءِ تي ٿيندڙ مڪاني چونڊ لاءِ شهر ۾ امن امان کي يقيني بڻايو وڃي، انٽيليجنس ٽيمن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي