ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي مقامي عدالت  پي  ٽي آءِ ايم اين اي عامر لياقت جي قبر ڪشائي ڪري مڙهه جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، صحت کاتي  کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت، عدالت  پنهنجي فيصلي ۾ چيو آهي ته عامر لياقت جي موت جا سبب ڄاڻڻ لاءِ پوسٽ مارٽم اڻٽر آهي، پردي پويان لڪل حقيقتن کي سامهون اچڻ گھرجي. ڪالهه جوڊيشل مئجسٽريٽ اوڀر جي عدالت ۾ شهري عبدالاحد طرفان عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ لاءِ داخل ڪرايل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر بشره اقبال، درخواستگذار عبدالاحد ۽ ٻيا پيش ٿيا. درخواستگذار چيو ته عامر لياقت جي موت تي شڪ پيدا ٿيا آهن، انهي لاءِ پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو وڃي، ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته وارث پوسٽ مارٽم نٿا چاهين، وارثن جو چوڻ آهي ته پوسٽ مارٽم ڪرڻ سان  عامر لياقت جي روح کي تڪليف ٿيندي،  وارثن جو چوڻ آهي ته هنن کي ڪوبه شڪ ناهي.  هوڏانهن پوليس پنهنجي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪندي چيو ته پوليس سرجن ٻڌايو  ته لاش جي اندروني معائني کانسواءِ موت جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهندو. ڌرين جي دليلن بعد عدالت فيصلو محفوظ ڪيو،  ڪجهه دير بعد عدالت عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم جو حڪم ڏنو. عدالت تحريري فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته وارثن جو موقف آهي ته عامر لياقت جي پوسٽ مارٽم سان سندس قبر جي بيحرمتي ٿيندي، انهي ۾ ڪو به شڪ ناهي ته عامر لياقت جا وارث قبر جا به وارث آهن پر جڏهن موت مشڪوڪ هجي ۽ ڏوهه جو به خدشو هجي ته انصاف جي نظام کي حرڪت ۾ اچڻ گھرجي، پردي پويان موجود حقيقتن کي سامهون اچڻ گھرجي. عدالت فيصلي ۾ ڄاڻايو آهي ته پوليس سرجن موجب لاش جي ٻاهرين معائني سان موت جا ڪارڻ معلوم ناهن ٿي سگھندا. پوليس سرجن جي موقف بعد اهو واضح ٿي ويو آهي ته عامر لياقت جي موت جا ڪارڻ اڃا تائين معلوم نه ٿي سگھيا آهن، موت جا ڪارڻ معلوم نه ٿيڻ سان سوال پيدا ٿئي ٿو ته موت قدرتي آهي يا نه؟ عدالت انهي نتيجي تي پهتي آهي ته عامر لياقت جو پوسٽ مارٽم اڻٽر آهي ته جيئن شڪ ۽ وسوسا ختم ٿي سگھن. عدالت صحت کاتي جي سيڪريٽري کي ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جي هدايت ڪئي، فيصلي ۾ عدالت چيو ته ميڊيڪل بورڊ قبر ڪشائي جي تاريخ مقرر ڪندو، بورڊ جوڙي عدالت کي آگاهه ڪيو وڃي، عدالت ايس ايچ او بريگيڊ کي به انتظام ڪرڻ جي هدايت ڪئي