اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته آءِ جي  پنجاب پاران خوشاب، حافظ آباد، خانيوال، ڊيرا غازي خان ۽ راجنپور جي ڊي پي اوز کي بدلي ڪرڻ جي اجازت لاءِ خط لکيو ويو هو پر انهن بدلين جي اجازت ناهي، هڪ ٻئي بيان ۾ اليڪشن ڪميشن جي ترجمان چيو آهي ته اين اي 240 ڪورنگي جي پولنگ اسٽيشن نمبر 87 جي پرزائيڊنگ آفيسر کي 22 جون 11 وڳي لاءِ نوٽيس جاري ڪيو آهي ته اليڪشن ڪميشن سامهون پيش ٿئي ۽ وضاحت ڪري ته ان خلاف ڇو قانوني ڪارروائي نه ڪئي وڃي، پرزائيڊنگ آفيسر تي الزام آهي ته اهو پولنگ جي ڏينهن تي پولنگ اسٽيشن مان بيلٽ پيپر چورائڻ ۾ ملوث آهي، پرزائيڊنگ آفيسر کان علاوه پاڪ سرزمين پارٽي جي سربراهه مصطفيٰ ڪمال کي به  اليڪشن ڪميشن ساڳئي ڏينهن تي پيش ٿيڻ جا نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.