ڪراچي (رپورٽ: اياز بروهي ) سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ برساتي پاڻي گهٽين ۽ گهرن ۾ داخل ٿيڻ خلاف داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊي ايچ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هي ڪهڙو تماشو لڳايو ويو آهي، برساتون ته هر هنڌ ٿينديون آهن، برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب گهٽين ۾ کڏا پئجي ويا آهن، جن ۾ شهري ڪري پوندا آهن. عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته شهري برساتي پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ واري ۽ بجري جون ٻوريون رکي رهيا آهن، ڇا اوهان اهو حل ڪڍيو آهي؟ عدالت ڊي ايڇ اي عملدارن کي رهواسين جي 15 ڏينهن ۾ انجنيئرز سان گڏجاڻي ڪرائڻ جي هدايت ڪندي گڏجاڻي جا منٽس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڊي ايچ اي عملدارن جواب داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته صورتحال مان نڪرڻ لاءِ حڪمت عملي جوڙي رهيا آهيون، جنهن تي عدالت چيو ته اهو ٻڌايو ته اوهان جا پنهنجا انجنيئرز ڇا ڪري رهيا آهن؟ عدالت چيو ته رهواسين کان پڇو ۽ ماڻهن جي گهرن جو حال ڏسو. عدالت چيو ته رستن ۾ کڏا پئجي ويا آهن،  گهرن ۾ پاڻي داخل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ ٻوريون رکيون پيون وڃن، عدالت چيو ته اڃا ته وڌيڪ برساتون ٿينديون، ڇا ڊفينس ۾ گهرن جي آڏو پاڻي بيٺل رهندو؟ عدالت چيو ته اسان کي ٻڌايو وڃي ته مستقل حل ڇا آهي؟ ڇا اوهان قدرت جو انتظار ڪري رهيا آهيو ته زمين پاڻي چوهي وڃي. عدالت ڊي ايچ اي عملدارن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان هڪ طرف کان پاڻي ڪڍي ٻئي پاسي منتقل ڪري ڇڏيو ٿا. ان موقعي تي درخواستگذار جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ سبب ڊينگي ڦهلجي رهيو آهي، اسان عدالت جي ملٽي ميڊيا تي رهنمائي ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي عدالت درخواستگذار جي وڪيل کي مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان ڊي ايچ اي جي رهنمائي ڇو نٿا ڪريو؟ جنهن تي وڪيل وراڻيو ته ڊي ايچ اي ۾ ڪير  ٻڌڻ وارو ناهي. 2008ع جي جائيڪا ۽ 2019ع جي  واٽر ڪميشن جي رپورٽ پڻ رڪارڊ تي آهي، انهن اسٽڊيز کانپوءِ ڪنهن نئين اسٽڊي جي ضرورت ئي ناهي، مسئلو رڳو اهو آهي ته ڊي ايڇ اي وارا ٻڌڻ لاءِ تيار ناهن. عدالت ڊي ايچ اي عملدارن کي رهواسين جي 15 ڏينهن ۾ انجنيئرز سان گڏجاڻي ڪرائڻ جي هدايت ڪندي گڏجاڻي جا منٽس ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .