لاهور (م ڊ) پنجاب ۾ اڻڄاتل جوابدار 10 ورهين جي ذهني معذور ٻارڙي کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي ورتو آهي. پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي واقعي جو نوٽيس وٺندي جوابدار جي گرفتاري جو حڪم ڏنو آهي. ڏکڻ ڇانوڻي واري علائقي جي چراغ شاهه ڪالوني ۾ واقعو پيش آيو، جتي شهري نويد جي 10 ورهين جي نياڻي کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائي ڇڏيو. پوليس متاثر ٻارڙي جي پيءُ جي درخواست تي ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.