سکر (بيورو رپورٽ) صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آھي ته حڪومت جي پهرين ترجيح عوام کي رليف ڏيڻ آهي، برسات متاثرن کي ريسڪيو ڪيو پيو وڃي، دوائن جي کوٽ جو مسئلو جلد حل ڪيو ويندو، مليريا، ڊينگيءَ کان بچاءُ لاءِ اسپري هنگامي بنيادن تي شروع ڪيو ويو آهي، وزير اعليٰ جي تبديلي جا افواهه سازشي عناصر ڦهلائي رهيا آهن، مراد علي شاهه وڏي وزير طور سٺو ڪم ڪري رهيو آهي. سکر ۾ تباهه حال روڊن رستن جي معائني ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته عمران خان ادارن کي متنازع بڻائي رهيو آهي. هن جو پنهنجو چيف آف اسٽاف نظر نٿو اچي ۽ هو آرمي چيف جي مقرري جي ڳالهه پيو ڪري. آرمي چيف جي مقرري اهم هوندي آهي جنهن کي متنازع بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته ملڪ اندر برسات ۽ ٻوڏ سبب وڏي پيماني تي تباهي ٿي آھي، سنڌ ۾ لکين ماڻھو بي گهر ٿيا آھن. پهريان ريسڪيو، رليف ۽ هاڻي بحالي جو ڪم شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ٻاهرين دنيا سان رابطن ۾ آهي ته جيئن وقت سر متاثر ڪٽنبن کي واپس پنهنجن گهرن ۾ آباد ڪري سگهجي. ناصر شاهه جو چوڻ هو ته سنڌ اندر هلندڙ رليف واري ڪم ۾ ڪا به ڪوتاهي برداشت نه ڪبي. ٻوڏ ۽ برسات قدرتي آفت هئي، جنهن سان وڏو نقصان ٿيو آھي. سکر ۾ به ٺهيل روڊ تباهه ٿي ويا آھن، شهر ۾ بيٺل پاڻي فوري طور تي نيڪال ڪرڻ لاءِ اختيارين کي هدايتون جاري ڪيون آهن.