ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ٻوڏ متاثرن کي قبضاگير ڄاڻائي ڇڏيو، ڪيس داخل، ايم ڊي اي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر حسنين ايوب جي فرياد تي اينٽي انڪروچمينٽ ٿاڻي تي داخل ڪيس ۾احمد شاهه، عتيق سومرو، سجاد، امير علي، سليمان سميت 6 ڄڻن کي نامزد ڪيو ويو، ايف آءِ آر جي متن موجب اسڪيم 45 جي سيڪٽر 19 ۾ ماڻهو خيما کوڙي قبضا ڪري رهيا آهن، ڄاڻايل جوابدار ٽينٽ لڳائي قبضا ڪندڙن جي سهولتڪاري ڪري رهيا آهن، معاملي جي جاچ ڪري قبضا ختم ڪرايا وڃن. پراجيڪٽ ڊائريڪٽر موجب ڪا به اڏاوت نه پئي ٿئي، ماڻهو اچي خيما کوڙي قبضا ڪري رهيا آهن، منهنجي ڊيوٽي آهي ته سرڪاري زمين جو تحفظ ڪريان انهي ڪري ڪيس داخل ڪرايو، خيما کوڙيندڙ ٻوڏ متاثر لڳي رهيا آهن