ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ مغوين عبدالصمد ملڪ، شهباز ملڪ، معراج ملڪ، ماجد قريشي، آصف نصيراڻي ۽ ٻين مغوين جي بازيابي لاءِ وارثن پاران بي سيڪشن ٿاڻي جي حد انڊس هاءِ وي روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. مسافر گاڏيون بيهجي ويون. وارثن جو چوڻ هو ته پوليس مغوي جي بازيابي تي صرف ٺلها دلاسا ۽ آسرا ڏئي رهي آهي پر پوليس مغوين جي بازيابي لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه پئي ڪري. مغوين جي وارثن جو چوڻ هو ته اسين پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي وياسين پر ڌاڙيلن اسان کان موٽرسائيڪلون روڪ رقم موبائيل فون کسي مارڪٽ ڪري موٽائي ڇڏيو. مغوين جي وارثن سان ڪنڌڪوٽ بي سيڪشن ايس ايچ او ۽ ڊي ايس پي سيد اصغر علي شاه ڳالهيون ڪري 2 ڏينهن اندر مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي مهلت ورتي جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو.