ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي گلستان جوهر ۾ نابين مؤذن سان ٺڳي، چور سندس موبائل فون کڻي فرار ٿي ويو. پوليس موجب نابين مؤذن ٻڌايو ته مون وٽ هڪ شخص پهچي  چيو ته ڇا ٿو ڪرين؟ مون چيو ته آئون مؤذن آهيان، جنهن تي هن مونکي چيو ته جيڪڏهن تون نعت پڙهندين ته آئون تنهنجي وڊيو ٺاهي يوٽيوب چينل تي وائرل ڪندس. پوليس موجب جوابدار مؤذن کان موبائيل وٺي مؤذن کي نعت پڙهڻ جو چيو،  موذن نعت پڙهڻ شروع ڪئي ته جوابدار سندس موبائل کڻي فرار ٿي ويو. پوليس موجب جوابدار مؤذن جي موبائيل فون اڪائونٽ مان 35 هزار به ڪڍرائي ورتا. پوليس موجب جوابدار جي ڳولا ڪئي پئي وڃي