نوشهروفيروز (رپورٽر) نوشهروفيروز لڳ ڳوٺ نڀوڙو ڀٽي جو پورھيت مبينا طور عورتاڻي آوا تي ھرکجي اغوا ٿي ويو، ان ڏس ۾  پورھيت غلام مرتضيٰ ڀٽي 10 ڏينھن اڳ گھران نڪتو ته وري واپس نه پھتو، پورهيت جي والد غلام مصطفيٰ ڀٽي موجب ته پٽ اھو چئي گھران نڪتو ھو ته فوج ۾ ڀرتي لاءِ پنوعاقل وڃي رھيو آھيان. پر ڏھ ڏينھن گذري ويا آهن پٽ ناھي پھتو، جڏھن ته موبائيل فون جي لوڪيشن ٽريس بعد خبر پئي ته پٽ بخشاپور ضلعي ڪشمور ۾ آھي،ھن چيو ته ڀريا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي آھي پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.