ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف ايس يو پي ڪارڪنن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو. .ان موقعي تي دلمراد ڏاهاڻي، ظريت بجاراڻي، شاهنواز مرهيٽو، فضل سبزوئي، الطاف بنگوار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته ڪنڌڪوٽ کي ڏوهارين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هنن چيو ته ڏينهن خالي ناهي، جو چوريون ۽ ڦر جون وارداتون نه ٿين. موٽرسائيڪلون چوري ٿي رهيون آهن، دڪانن کي کاٽ هڻي سامان ٻهاريو پيو وڃي، رستي ويندڙن جا بشني کيسا ڪٽي موبائل ۽ روڪ رقم کڻي فرار ٿي رهيا آهن، آخر پوليس ڪهڙي دنيا ۾ پئي رهي عوام جي جان و مال جي حفاظت آخر ڪير ڪندو. هنن مطالبو ڪيو ته اخباري هاڪر ۽ ايس يو پي ڪارڪن فضل سبزوئي جي چوري ٿيل موبائل سميت شهر اندر ٿيندڙ چوريون واپس ڪرايون وڃن.